اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ خيبر پختونخواهه ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت عظميٰ طرفان باقاعدگي سان بل ادا ڪندڙ واهپيدارن کي بجلي جي بنا وقفي فراهمي جو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو حڪم قانون جي ابتڙ آهي، تنهن ڪري لوڊشيڊنگ سان متاثر ماڻهو نيپرا سان رابطو ڪن، قانون ۾ ڊسڪوز خلاف نيپرا اٿارٽي ۽ ٽربيونل جا فورم قائم ڪيا ويا آهن، لاڳاپيل فورم جي هوندي هاءِ ڪورٽ سڌي ريت حڪم جاري نٿي ڪري سگهي.
پيسڪو وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ لوڊشيڊنگ جي صورت ۾ اختيارين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، لوڊشيڊنگ سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، پيسڪو اختيارين خلاف ڪيس بنا جواز هوندا.
جواب ۾ ٻئي وڪيل چيو ته عدالت گذريل حڪم ۾ لوڊشيڊنگ جا تفصيل گهريا هئا، هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته بل ڏيندڙن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي.
جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته ان معاملي ۾ ڪيترائي ٽيڪنيڪي نڪتا به اچي سگهن ٿا، عدالت ڪيئن جائزو وٺندي، جن فيڊرن مان ريڪوري نه پئي ٿئي، ان جو ڇا ڪنداسين.
جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ پيسڪو جي اپيل منظور ڪري ورتي.
Prev Post
You might also like