ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ٽاڪري کان اڳ رنگا رنگ تقريب ٿي گذري جنهن ۾ ڀارت جي مشهور شخصيتن پرفارم ڪيو.

پاڪ-ڀارت ٽاڪري کان اڳ احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ رنگا رنگ تقريب ٿي.

تقريب ۾ بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن، رجني ڪانت، سُکويندر سنگهه ۽ ارجيت سنگهه سميت ڪيئي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي.

بالي ووڊ موسيقار ۽ راڳي شنڪر مهاديون، ڳائڻي نيها ڪڪڙ، سُنيڌي چوهاڻ به تقريب ۾ آواز جو جو جادو جاڳايو.

ميچ کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته اِها تقريب صرف اسٽيڊيم ۾ موجود تماشائين لاءِ آهي ۽ ٽي وي چئنلز تي نه ڏيکاري ويندي.

تقريب ۾ ڀارتي راڪ استار راڳي سُکويندر سنگهه پڻ پرفارم ڪيو

تصويرون: روٽرز ۽ اي پي پي جي ٿورن سان