ڪراچي واسين لاءِ بُري خبر، بجلي اگهن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

ڪي اليڪٽرڪ طرفان ٽه ماهي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾بجلي في يونٽ ٽي رُپيا ٻه پئسا مهانگي ڪرڻ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.

درخواست ۾ نيپرا کان في يونٽ اگهه ۾ واڌ جي استدعا ڪئي وئي آهي، درخواست 19 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ٿيندي ۽ منظوري جي صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي 35 ڪروڙ 75 لک رُپين جو اضافي ٻوجهه پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.