ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي هدايت تي عوام شڪايت جي فوري حل لاءِ ڊجيٽل پورٽل بڻايو ويو آهي.
سڄي سنڌ جي سڀني ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايس ايس پيز کي موڪليل خط ۾ پورٽل تي عوامي شايتن کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي جا آفيسر شڪايت جو جائزو وٺي فوري حڪم جاري ڪن، ضلعي انتظاميا رجسٽرڊ شڪايت جي تصوير، خط، يا ڪو به ثبوت پورٽل تي اپلوڊ ڪري سگهي ٿي.
خط موجب پورٽل تي سڀني ضلعن جا ايس ايس پيز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز جا ذاتي اڪائونٽس به بڻايا ويندا.
You might also like