ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڱاري جي ڏينهن ڪراچي ۾ هلڪي برسات ۽ ڦڙ ڦڙ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسمياتي کاتي طرفان ڪيل اڳڪٿي موجب اولهه هوائن جي سلسلي سبب اڱاري جي ڏينهن شهر ۾ هلڪي برسات، ڦڙ ڦڙ جو امڪان آهي. ان کانسواءِ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
اڳڪٿي موجب اولهه هوائن جو سلسلو اتر علائقن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن جي سسٽم جا اثر وچين ۽ مٿاهين سنڌ تائين پکڙجڻ جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ 17 آڪٽوبر تي هلڪي برسان پوندي.
حيدرآباد، بدين، ٺٽي، سجاول، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۾ به هلڪي برسات ۽ ڦڙ ڦڙ جو امڪان آهي جڏهن ته سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، دادو، ڄامشورو، قمبر شهدادڪوٽ، شهيد بينظير آباد سوڌو ٻين ضلعن ۾ 16 کان 17 آڪٽوبر وچ ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
موسمياتي کاتي موجب آچر جي ڏينهن ڪراچي جي موسم گرم ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته سومر جي ڏينهن موسم جزوي جهڙالي رڪارڊ ٿي سگھي ٿي.
You might also like