گوگل دنيا جي سڀ کان وڌيڪ وزٽ ڪئي ويندڙ ويب سائيٽ آهي ۽ هاڻ ان ۾ تمام وڏي ڦيرڦار ڪئي پئي وڃي.
گوگل جي ڊيسڪ ٽاپ هوم پيج تي هڪ ڊسڪور فيڊ جو وڌارو ڪيو پيو وڃي جيڪا ويجهڙائي وارن سالن دوران ڪئي ويندڙ سڀ کان وڏي تبديلي هوندي.
يعني گوگل ويب سائيٽ اوپن ڪرڻ روايتي سرچ باڪس سان گڏ مختلف مواد نظر ايندو.
هڪ رپورٽ موجب، گوگل جي ان نئين ڊسڪورفيڊ جي جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ مختلف خبرن جون هيڊلائينز، موسم بابت اڳڪٿي، راندين جا اسڪور ۽ ٻيا تفصيل نظر اچي رهيا آهن.
گوگل طرفان اهڙي قسم جو فيچر 2018ع ۾ موبائيل ڊيوائسز جي يو ايس هوم پيج ۾ متعارف ڪرايو هو.
گوگل ترجمان طرفان به ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ ٿيندڙ ان تبديلي جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب، نئين تبديلي جو ڀارت ۾ ٽيسٽنگ جو عمل جاري آهي.
جيئن مٿي لکي چڪا آهيون ته گوگل دنيا جي سڀ کان وڏي وزٽ ڪئي ويندڙ ويب سائيٽ آهي انڪري ان ۾ ٿيندڙ هر تبديلي اهم هوندي آهي.
گوگل جو نئون فيچر مائيڪرو سافٽ جي سرچ انجڻ بنگ سان ملندڙ جلندڙ نظر اچي ٿو ته جنهن ۾ نيوز اسٽوريز جي ڊگهي فهرست موجود هوندي آهي.
You might also like