لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ سموگ جي تدارڪ بابت ڪيس جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت پنهنجو حڪم نامو سڀني هائوسنگ سوسائٽين ۽ لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائڻ ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ جو اطلاع ڏيڻ لاءِ ڊولفن فورس کي موبلائز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي گرين بيلٽس کي پارڪنگ لاءِ استعمال ڪندا آهن، انهن تي 5 هزار رپيا ڏنڊ هنيو وڃي.
عدالت حڪم ڏنو آهي ته گدلاڻ پکيڙيندڙ بٺن کي بند ڪيو وڃي ۽ انهن خلاف ڪارروائي نه ڪندڙ آفيسرن خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا وڃن.
عدالت هيلمٽ نه پائيندڙ موٽر سائيڪل سوارن تي به ٻه هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته اهو حڪم سڄي صوبي ۾ لاڳو ٿيندو.
You might also like