پاڪستاني بيٽرز پاور پلي دوران هزار کان وڌيڪ بال کيڏڻ باوجود هڪ به ڇڪو نه هڻي سگهيا!

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ون ڊي انٽرنيشل مقابلن ۾ پاور پلي دوران پاڪستاني بيٽر هڪ هزار کان وڌيڪ بال کيڏڻ باوجود به ڇڪو نه هڻي سگهيا.

رپورٽ موجب، قومي ٽيم هلندڙ سال اٺ ون ڊي انٽرنيشنل مئچن ۾ حصو ورتو جتي گرين شرٽس جي اوپنرن پاور پلي دوران هڪ به ڇڪو لڳائڻ ۾ ناڪام رهي جڏهن ته فهرست ۾ ڀارت ٻٽيهه ڇڪن سان ٽاپ پوزيشن تي موجود آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو وي ويو آهي ته پاور پلي دوران گرين شرٽس 1022 بال کيڏيا، پاڪستاني بيٽرز هڪ ڀيرو به هوائي رستي بال کي بائونڊري لائين پار نه ڪرائي سگهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.