غزا تي فاسفورس بمن جو استعمال، فلسطيني حڪومت ثبوت پيش ڪري ڇڏيا

غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسرائيل طرفان عزا جي علائقن تي منع ڪيل فاسفورس بمن جو استعمال ڪيو پيو وڃي.
حماس جي حملن کان پوءِ غزا تي اسرائيلي بمباري تيز ٿي وئي آهي ۽ هزارين ٽن بارود غزا تي ڪيرايو ويو آهي.
اسرائيل طرفان بجلي، پاڻي ۽ ٻارڻ به بند ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ عزا ۾ انساني بحران ڪَرُ کنيو آهي.
اسرائيل طرفان عزا تي بمباري جي نتيجي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ سوين زخمي ٿيا آهن جڏهن ته شهيدن ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي.
اسرائيل رهائشي عمارتن، مسجدن، دڪانن، فيڪٽرين ۽ ايمبولينسن کي به نشانو بڻايو آهي.

ٻي پاسي فلسطين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسرائيل غزا جي علائقن تي منع ڪيل فاسفورس بم استعمال ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي وزارت طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي وڊيو جاري ڪئي وئي ۽ بيان ۾ چيو ويو ته قابض اسرائيلي فوج طرفان اتر عزا جي علائقي الڪراما ۾ عالمي سطح تي منع ڪيل فاسفورس بم استعمال ڪيا ويا.
منع ڪيل وائيٽ فاسفورس سان زمين تي وڏي پيماني تي باهه ڀڙڪندي آهي، انساني جسم جي پٺن ۽ هڏن کي به ساڙي ڇڏيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.