ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي اوپنر وريندر سهواگ پچز بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
اڳوڻي ڀارتي بيٽر وريندر سهواگ دعويٰ ڪئي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪندي، سندس خواهش آهي ته ميزبان ٽيم آخر تائين ٽورنامينٽ ۾ موجود رهي.
هن چيو ته هتان جون پچز ڀارتي گرائونڊ اسٽاف ئي تيار ڪيون آهن، جڏهن ميزبان ٽيم سيمي فائنل يا فائنل کيڏندي تڏهن به اهڙيون ئي پچون ٺاهيون وينديون. انڪري مان سمجهان ٿو ته ڀارتي ٽيم وٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ جو بهترين موقعو آهي.
سهواگ چيو ته آءِ سي سي کي سٺي طرح ڄاڻ آهي ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم آخر تائين ايونٽ ۾ رهندي ته وڌيڪ ويورشپ ۽ اسپانسرز ملندا، ان سان ميزبان بورڊ کي پڻ فائدو ٿيندو.