اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جون اسٽيبلشمينٽ سربراهن سان ملاقاتون ٿيون آهن.
نامياري صحافي نور الله جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي خدشو آهي ته وفاقي توڙي نگران حڪومتون (ن) ليگ جي مدد ڪري رهيون آهن، پيپلز پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ برابريءَ جا موقعا نه پيا ڏنا وڃن.
آصف زرداريءَ جون اهم شخصيتن سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون آهن، انهن بابت ظاهري طور نه ڪاپڌرائي ڪئي وئي آهي نه ئي تصديق سان ڪجهه چئي سگهجي ٿو. پر ملاقاتن جي پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره تصديق ڪئي آهي.
ان کان اڳ سيد خورشيد شاهه جي نيب چيئرمين سان به ملاقات ٿي هئي پر ڪهڙن معاملن تي ڳالهيون ٿيون ان بابت ڪابه پڌرائي نه ڪئي وئي. نظر اهو ٿو اچي ته پيپلز پارٽي به چونڊن کان اڳ پنهنجي لاءِ ڪجهه گنجائشون حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 10 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي