راڻيپور: مهينو اڳ قتل ڪيل شهدادڪوٽ واسي غلام مصطفيٰ مگسي جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

هڪ مهينو اڳ راڻيپور ۾ قتل ٿيل شهدادڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفي مگسي جا قاتل گرفتار ن ٿيڻ خلاف سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙ نادر علي مگسي، اعجاز مگسي ۽ ٻين جو چوڻ  هو ته مهينو اڳ راڻيپور ۾ ريڙهو هلائي پيٽ پاليندڙ غلام مصطفي مگسي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو پوليس رڳو هڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته ٻيا جوابدار هيل تائين گرفتار ناهن ٿي سگھيا.

مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان غريب مسڪين ماڻھو آھيون مزدوري ڪري پيٽ پاليندا آھيون جوابدار بااثرن کان ڌمڪيون ڏياري رهيا آهن ڊي آءِ  جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪيون ٿا ته غلام مصطفي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.