حماس جو تازو حملو خطي جي سياسي راند کي تبديل ڪري ڇڏيندو

حماس جي اسرائيل تي اوچتي زبردست حملي کان پوءِ ويڙهاڪن جي اسرائيل ۾ داخل ٿيڻ تي قطر يونيورسٽي جي پروفيسر مهجوب زويري چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڪلاڪن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو خطي جي سياست جي پوري راند تبديل ڪري ڇڏيندو.

مهجوب زويري پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته پهريون ڀيرو، مزاحمتي تحريڪ قابضين ۽ فوج خلاف ردعمل جو فيصلو ڪيو آهي منهنجي خيال ۾ اسرائيل جو هاڻي انهن کي منهن ڏيڻ هڪ حقيقي چئلينج آهي. ان کانسواءِ حماس طرفان علائقائي ۽ عالمي رانديگرن سان گڏجي جيڪو بيانيو بڻايو ويو آهي اهو دلچسپ آهي.

قطر يونيورسٽي سان راسطو رکندڙ مهجوب زويري جو چوڻ هو ته اسرائيلي حڪومت انتهائي نازڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي.

هن خابرو ادري کي ٻڌايو ته سڀ کان پهريان هو ردعمل ۾ فيصلو ڪندڙ ۽ پرتشدد ٿي سگھن ٿا. پر ان اسان مسئلو حل نه ٿيندو ۽ عالمي برادري طرفان تنقيد به ٿيندي. ٻيو اهو ته هو اهو چئي پاڻ کي مظلوم بڻائي سگھن ٿا ته هو حماس جو شڪار آهن ۽ اهو حقيقت ۾ اسرائيلي حڪومت کي وڌيڪ جوابدا بڻائيندو.

زويري جو وڌيڪ چوڻ هو ته آخر ۾، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ان صورتحال ۾ پنهنجي سياسي مفاد جو استعمال ڪندي وزيراعظم ۽ رياست جي طور تي پنهنجن فرضن وچ ۾ تواز پيدا ڪري سگھي ٿو، جتي هن هاڻوڪن مهينن ۾ پنهنجي پاليسين سبب احتجاجن کي منهن ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.