ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اسٽيٽ بئنڪ، بئنڪ ڊپازٽس بابت ڊپٽي گورنر جي بيان تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ چيو هو ته بئنڪ ڏيوالي جي صورت ۾ بئنڪن ۾ صرف ۾ پنج لک رُپين تائين جي رقم محفوظ هوندي آهي.
پر هاڻي مرڪزي بئنڪ طرفان ڊپٽي گرونر جي بيان تي وضاحت جاري ڪندي چيو ويو آهي ته بئنڪ ڊپازٽس بلڪل محفوظ آهن، مضبوط فريم ورڪ تحت پاڪستان ۾ بئنڪاري نظام مستحڪم ۽ ڊپازٽس محفوظ آهن.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته بئنڪاري نظام ۾ به ڪفايت سرمايو موجود آهي، بئنڪاري نظام جي منافعي ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي انڪري بئنڪاري شعبي ۾ شديد ڌچڪا برداشت ڪرڻ جي اهليت وڌيڪ بهتر ٿي وئي آهي.