ڪراچي: چيڪنگ دوران بس مان 54 يورپي ڳيرا هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي سپر هاءِ وي ڪراچي تي چيڪنگ دوران بس مان 54 يورپي ڳيرا برآمد ڪري ورتا.
جهنگلي جيوت کاتي جي ڪنزرويٽر جاويد مهر موجب ڪنهن مسافر ڳيرن جي ملڪيت کي قبول نه ڪيو، ڳيرن کي ملير جي سرسبز علائقي ۾ آزاد ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته يورپي ڳيرا خوبصورتي ۽ وڻندڙ آواز سبب مشهور آهن، سرءُ جي مند جي شروعات ۾ يورپي ڳيرا ايران کان پاڪستان ايندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.