انگن اکرن، بصري دوکو ڏيندڙ تصويرن ۽ ٻين ڳجهارتن کان هٽي ڪري اوهان کي اڄ ڊجيٽل ڳجهارت ڏئي رهيا آهن جنهن کي حل ڪرڻ ۾ اوهان کي به مزو ايندو.
ڄاڻايل وڊيو ۾ ست ناريون موجود آهن ۽ هڪ ئي گيت ڳائي رهيون آهن پر وڊيو ۾ نظر ايندڙ سڀ ناريون آواز نه پيون ڪڍن، وڊيو ۾ رڳو هڪ ئي ناري جو آواز آهي جنهن کي اوهان کي سڃاڻڻو آهي اها ڪهڙي ناري آهي جيڪا واقعي ۾ ڳائي رهي آهي.
ان لاءِ پهريان هيءَ وڊيو ڏسو.
ڇا اوهان ڄاڻي ورتو آهي ته ڪهڙي ناري ڳائي رهي آهي، جيڪڏهن نه ته پوءِ جواب آهي چوٿون نمبر ناري.
جيڪڏهن اوهان غور ڪريو ته هو وڊيو جي شروعات ۾ ڊگهو ساهه کڻي ٿي ۽ اها ئي ناري آهي جيڪا حقيقت ۾ ڳائي ٿي.
ان لاءِ سوشل واهپيدارن به وڏا وس ڪيا نيٺ اي آءِ جي ذريعي هنن پتو لڳايو ته چوٿون نمبر ناري جو آواز ميچ ٿئي ٿو.