اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته 2017 جي فيض آباد ڌرڻي معاهدي ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد اصرار ڪري شامل ٿيو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ان وقت جو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مان حق ۾ نه هئاسين ته فيض حميد ان معاهدي تي صحيحون ڪري پر فيض حميد اصرار ڪيو ته جيڪڏهن هن معاهدي تي صحيحون نه ڪيون ته تحريڪ لبيڪ ان معاهدي کي تسليم نه ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي، ماضي ۾ به ڊسمبر ۽ جنوري ۾ چونڊون ٿي چڪيون آهن، چونڊون ملتوي ڪرڻ سان بي يقيني ۽ شڪ شهبا پيدا ٿيندا.
You might also like