محبت ۾ پاڳل خوبصورت ناري، نوجوان کي اغوا ڪري وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منگهو پير ٿاڻي جي حد گلشن ضيا اورنگي مان نوجوان ناري ڪائنات ننڍي عمر جي نوجوان طلحه کي اغوا ڪري ساڻس شادي ڪري ورتي.

گذريلهفتي ڪائنات دعويٰ ڪئي ته هو طلحه سان هڪ طرفي محبت ڪندي هئي، هو کيس مائٽن جي گهر وٺي وئي.

نوجوان جي ڀيڻ شاهدا ڪائنات جي گهروارن کي اطلاع ڏنو پر ڪائنات جي والدين ناري کي چيو ته هو طلحه سان نڪاح ڪري ۽ پوءِ گهر اچي.

طلحه جي ڀيڻ منگهو پير ٿاڻي تي درخواست ۾ صورتحال کان آگاهه ڪيو.

ايس ايڇ او چيو ته ناري اغوا جو ڪيس داخل ناهي ڪرايو ويو.

ذريعن موجب ڪائنات جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ بدران ڪائنات جي پيءُ ڀاءُ ۽ ٻين مائٽن گڏجي طلحه جي گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي تشدد ڪيو، اطلاع تي پوليس پهچي وئي.

نوجوان جي وارثن موجب ناري جي پيءُ ڀولا مستري، ڀائي سونو ۽ ٻين ڌمڪيون ڏنيون آهن ته هو گهر به اسان جي حوالي ڪن نه ته کين ماري ڇڏينداسين.

ان کان اڳ سائبان انٽرنيشنل ويلفيئر آرگنائزيشن جي جنرل سيڪريٽري حيدر علي حيدر نگران وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان طلحه جي ڀيڻ، ڀائرن ۽ پيءُ کي تحفظ ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.