نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٻارهين جماعت جي امتحانن ۾ ناڪامي تي شاگردياڻي عمارت تان ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو ڀارتي شهر پٽنا ۾ پيش آيو جتي ٻارهين جماعت ۾ ناڪامي تي ناري مايوس ٿي پنهنجي اپارٽمينٽ جي ڇت تان ٽپو ڏيڻ جو انتهائي قدم کنيو.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڇوڪري ٽپو ڏيڻ جي واقعي جي وڊيو روڊ تي بيٺل شخص طرفان رڪارڊ ڪئي وئي جنهن ۾ ڇوڪريءَ کي پهريان ڇوڪريءَ کي عمارت جي ڇت تي ويهي روئيندي ۽ پوءِ ڇت تان هيٺ ٽپو لڳائيندي ڏٺو ويو.
ٻي پاسي ٻڌايو ويو آهي ته ڇوڪريءَ پنهنجي اپارٽمينٽ جي بلڊنگ تان ٽپو ڏنو ته روڊ تي موجود هڪ شخص ڇوڪريءَ کي زمين تي ڪِرڻ کان بچائي سندس حياتي بچائي ورتي.
ميڊيا رپورٽس موجب ان دوران ڇوڪريءَ زخمي ٿي پر کيس فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واضح رهي ته ان طرح جا واقعا ڀارت ۾ اڳ به ٿي چڪا آهن جنهن ۾ شاگردين امتحان ۾ ناڪامي يا تعليمي ادارن ۾ داخلا نه ٿيڻ تي آپگهات ڪيو آهي.
You might also like