ڀارتي سفارتڪارن لاءِ ڪئناڊا ۾ تشدد جو ماحول آهي: ڀارتي پرڏيهي وزير

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ ڀارتي سفارتڪارن خلاف ”تشدد جو ماحول“ ۽ ”ڌمڪي جوڳي صورتحال“ آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب سک عليحدگي پسند گروپن جي ڪئناڊا ۾ موجودگي سبب ڀارت مايوسي جو شڪار آهي.

سبرامنيم جي شنڪر واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڌمڪيون ڏيڻ ۽ سفارتڪارن کي ڊيڄارڻ لاءِ تقرير جي آزادي آهي جيڪو منهنجي خيال ۾ قبول ڪرڻ جوڳو ناهي.
ڀارت ڪئناڊا وچ ۾ لاڳاپا ڪجهه عرصي کان ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل آهن، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ڪئناڊا ۾ سک عليحدگي پسندن جي موجودگي آهي، جن خالصتان تحريڪ کي زندهه رکيو آهي، جيڪي ڀارت کان ڌار سک رياست جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
ڪئناڊا جي پرڏيهي وزارت فوري طور تي معاملي تي ردعمل ڏيڻ جي درخواست جو جواب ناهي ڏنو.
هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو الزام لڳايو هو ته جون ۾ سک عليحدگي پسند اڳواڻ ۽ ڪئنيڊين شهري هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ ڀارتي ايجنٽس ملوث ٿي سگھن ٿا جڏهن ته ڀارت مقتول سک اڳواڻ کي دهشتگرد قرار ڏنو هو.
ڀارت اهڙن الزامن کي کِلَ جوڳو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته آمريڪا ڀارت تي زور ڏنو ته اهو قتل جي جاچ ۾ ڪئناڊا سان سهڪار ڪري.
2018ع ۾ جسٽن ٽروڊو ڀارت کي خاطري ڪرائي ته ڪئناڊا ڀارت ۾ عليحدگي پسند تحريڪ کي بحال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي حمايت نه ڪندو، جڏهن ته هن چيو ته هو اظهار راءِ جي آزادي ۽ احتجاج لاءِ مظاهرن جي جمع ٿيڻ جي حق جو احترام ڪندو آهي.
ڪئناڊا ۾ بااثر سک برادري موجود آهي ۽ ڀارتي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اتي ڪجهه ڌڙا آزاد سک رياست لاءِ همدردي رکندا آهن جڏهن ته ڀارت ۾ ان مطالبي کي حمايت حاصل آهي.
ڀارت ۾ خالصتان جو مطالبو ڪيترائي ڀيرا سامهون آيو، سڀ کان وڌيڪ شدت سان اهو مطالبو 80 ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ سامهون آيو جڏهن ته هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين مفلوج ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.