شادي شده هجڻ باوجود ڌار رهڻ جو رجحان مقبول

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپاني عورت هيرومي ۽ سندس مڙس هيديڪازو تاڪيدا جي شادي کي سال گذري چڪا آهن ۽ سندن هڪ ٻار به آهي پر هو شادي جي پهرئين ڏينهن کان وٿي تي رهندا آهن.

اهڙيون شاديون جاپان ۾ مقبول ٿي رهيون آهن ڇو ته اهي زالمڙس ٻنهي کي زندگي جو بهترين تجربو ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿيون.

هڪ پاسي جوڙو هڪ ٻئي جي محبت ۽ حمايت مان لطف اندوز ٿيندو آهي ته ٻئي پاسي هو پنهنجي جيون ساٿي بابت ڳڻتي ڪرڻ کانسواءِ انفرادي طور تي زندگي کي به برقرار رکي سگهي ٿو.

بنيادي طور تي اهڙي شادي جوڙن کي گڏ رهڻ ۽ اڪيلو رهڻ ٻنهي مان فائدو کڻڻ قابل بڻائي ٿي، ان لاءِ ضروري آهي ته ازدواجي رشتو گڏي محبت ۽ احترام تي ٻڌل هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.