مستونگ ڌماڪو، نگران گهرو وزير وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي مستونگ ڌماڪي تي چيو آهي ته اسان کي خبر آ دهشتگردي ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ان پويان ڪير آهي، جتي دهشتگرد پَلجي رهيا آهن، اتي وڃي انهن کي هٽ ڪنداسين.
وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ بلوچستان ۾ صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته حڪومتي رٽ لاءِ هر حد تائين وينداسين، جيڪا به قرباني ڏيڻي پئي ڏينداسين، زخمين جي علاج جو ذمو پاڪ فوج کنيو آهي، آرمي چيف جي هدايت تي پاڪ فوج زخمين جو بهتر علاج ڪري رهي آهي.
هن چيو ته عيد ميلاد النبي صه جي ڏينهن حملو ڪندڙن لاءِ ڪا رعايت ناهي، اسان کي خبر آ ته دهشتگردي ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ان پويان ڪير آهي، پاڪستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، جتي دهشتگرد پَلجي رهيا آهن، اتي وڃي انهن کي هٽ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.