چترال حملي ۾ ملوث ٻه سئو کان وڌيڪ دهشتگرد گرفتار

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغان طالبان چترال حملي ۾ ملوث پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي 200 کان وڌيڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪالعدم ٽي ٽي پي خلاف پاڪستان سرڪار جي ڪوششن ۽ افغان طالبان تي مسلسل دٻاءُ جي حڪمت عملي جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن.

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان سرڪار جي ڪوششن جي نتيجي ۾ افغانستان چترال حملي ۾ ملوث ٻه سئو کان وڌيڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪجهه ڏينهن افغان طالبان جي سُپريم ليڊر هيبت الله اخوانزاده افغان عوام کي به پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي مالي مدد نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب، 21 سپٽيمبر تي افغان طالبان افغانستان لاءِ پاڪستان جي خاص نمائندي آصف دُراني سان ڪابل ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ڪالعدم ٽي ٽي پي خلاف ڪريڪ ڊائون بابت تفصيل شيئر ڪيا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.