اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ملڪيت جي ڪيس ۾ عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي وڪيل تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ملڪيت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
سپريم ڪورٽ عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي وڪيل غلام فريد کي هڪ لک رپيا ڏنڊ ڀرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت عظميٰ چيو ته بي بنياد ۽ فضول ڪيس بازي جو اڳ به مظاهرو ڪيو ويو، عدالت عام طور تي لچڪ جو مظاهرو ڪندي آهي.
سپريم ڪورٽ چيو ته درخواستگذار ماضي ۾ به بي بنياد ڪيس بازي ڪئي، جنهن تي مٿس ڏنڊ لڳو.
عدالت عظميٰ حڪم ڏنو ته ڏنڊ جي رقم ڌرين کي ادا ڪئي وڃي، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي سول ڪورٽ جو فورم موجود آهي.
واضح رهي ته هاءِ ڪورٽ به بي بنياد ڪيس بازي تي درخواست گذار تي ٻه لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو هو.
You might also like