ڪراچي: جهازن تي ليزر لائيٽ هڻڻ جا واقعا، اختيارين وڏو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جهازن کي ليزر لائيٽ سان نشانو بڻائيندڙن خلاف سخت ايڪشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ جهازن کي پکين ۽ ليزر لائيٽس کان بچائڻ لاءِ انوائرنمينٽل ڪنٽرول ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ايئرپورٽ مئنيجر جي صدارت ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي ايئرپورٽ جي ڀرپاسي پکين جي وڌندڙ انگ ۽ ليزر لائيٽ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين کي رن وي ۽ ڀرپاسي ۾ صفائي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته جهازن کي ليزر لائيٽ سان نشانو بڻائيندڙن خلاف پوليس جي سهڪار سان سخت ايڪشن ورتو ويندو.
ايئرپورٽ مئنيجر موجب ليزر لائيٽ جي واقعن جي روڪٿام لاءِ سڀني ٽائونز ايس ايڇ اوز سان ميٽنگ جو فيصلو ڪيو ويو، سيفٽي ڪميٽي اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي جو جائزو به ورتو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.