عوام هوشيار، سنڌ ۾ موسم سخت گرم رهندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن دوران سنڌ جي ڏاکڻي علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي، ڪراچي، ٺٽي، بدين ۽ حيدرآباد ۾ پارو 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ڇنڇر ڏينهن موسم انتهائي گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، ان دوران گرمي پد 39 کان 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.