”غير قانوني ڪاروبار خلاف ڪارروائين سان ملڪ کي معاشي نقصانن مان ڇوٽڪارو ملندو“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته غير قانوني ڪاروباري سرگرمين خلاف ڪارروائي سان پاڪستان کي معاشي نقصانن کان ڇوٽڪارو ملندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو.
جنرل عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) چيف آف آرمي اسٽاف لاهور جو دورو ڪيو ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي به شريڪ هو.
اجلاس دوران آرمي چيف کي صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال، بجلي، گئس چوري، ذخيري اندوزي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي سمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن کي اقليتن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن ۽ ڪچي جي علائقي ۾ جاري آپريشنز تي اڳڀرائي بابت به آگاهه ڪيو ويو.
اجلاس ۾ فورم غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي واپسي جو به جائزو ورتو، جڏهن ته فورم کي خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ گرين پنجاب جي قدمن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو.
ان موقعي تي آرمي چيف زور ڏنو ته غير قانوني معاشي سرگرمين خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ لاڳاپيل کاتا گڏجي ڀرپور قوت سان ڪارروائيون جاري رکن، غير قانوني معاشي سرگرمين خلاف ڪارروائي جي نتيجي ۾ پاڪستان کي مختلف طريقن سان ٿيندڙ معاشي نقصانن مان ڇوٽڪارو ملي سگهندو.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ عزم جو اظهار ڪيو ته رياستي ادارا، سرڪاري کاتا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ متحد آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.