افغان ڪرنسي ”افغاني“ 2023 جي هيل تائين ٽين مضبوط ترين ڪرنسي قرار ڏني وئي آهي.
بلوم برگ جي رپورٽ موجب انساني امداد تحت حاصل اربين ڊالرن ۽ ايشيائي ملڪن سان وڌندڙ واپار هنن ٽن مهينن ۾ افغان ڪرنسي کي عالمي درجي بندي ۾ مٿي آڻي ڇڏيو آهي ۽ اهو غربت سٽيل ملڪ لاءِ هڪ غير معمولي مرحلو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آگسٽ 2021 ۾ ڪابل تي ٻيهر ڪنٽرول کانپوءِ طالبان ڪرنسي واپار تي سخت قدم کنيا.
رپورٽ موجب طالبان افغانين کي آمريڪي ڊالر ۽ پاڪستاني رپيو استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ افغان ڪرنسي افغاني کي هٿي ڏيڻ لاءِ آن لائن ٽريڊنگ تي پابندي لڳائي ڇڏي، جنهن سان ڪرنسي مضبوط ٿي.
You might also like