اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف ريفرنس ٻيهر کولي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ طرفان نيب ترميمي ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ ريفرنس ۽ رڪارڊ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. سپريم ڪورٽ جي جاچ کانپوءِ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار کي نوٽيس جاري ڪندي رڪارڊ گڏ ڪرڻ بعد 10 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو.