اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اٽڪ جيل مان وڏي خبر سامهون آئي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين اٽڪ جيل سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ايف آءِ اي اڄ به جلان جمع نه ڪرايو جنهن تي عدالت ايف آءِ اي کي جلد چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل رمانڊ ۾ ڏهه آڪٽوبر تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت جي سامهون بيان ڏنوته هو اٽڪ جيل ۾ ايڊجسٽ ٿي ويو آهي ۽ اڊيالا جيل منتقل ٿيڻ نٿو چاهي ۽ هو پنهنجي وڪيلن کي اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست واپس وٺڻ لاءِ چوندو .
ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي اٽڪ مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي حڪم ڏنو هو.