اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گرفتاري تي پردو وجهڻ واري بيان بابت وضاحت پيش ڪري ڇڏي.
سرفراز بگٽي طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته بيان کي ٽوڙي مروڙي سياسي رنگ ڏنو ويو، نگران سرڪار جي ڪا به سياسي ايجنڊا ناهي، نواز شريف جي پاڪستان جي سياسي ۾ واپسي سٺو سنئوڻ آهي.
هن چيو ته پاڪستاني عوام جو هڪ وڏو حصو نواز شريف جي آجيان جي تيارين ۾ رُڌل آهي ۽ وطن واپسي تي نواز شريف سان قانون پٽاندڙ ورتاءُ ڪيو ويندو.
نگران گهرو وزير وڌيڪ چيو ته اڳڪٿين ۽ افواهن مان ٻاهر نڪري معلومات کي حقيقت جي آئيني سان ڏسڻو پوندو، نگران حڪومت پنهنجي مئنڊيٽ مطابق ڪم ڪندي.
واضح رهي ته نگران گهرو وزير پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته نواز شريف کي عدالت مان ضمانت نه ملي ته کيس گرفتار ڪنداسين.
گهرو وزير جو چوڻ هو ته سندس خيال ۾ نواز شريف کي پاڻ به گرفتاري ڏيڻ گهرجي، هڪ جوابدارن کي جهاز مان گرفتار ڪرڻ لاءِ وڏي نفري جي ضرورت ناهي پوندي.
نگران گهرو وزير جي بيان کانپوءِ ن ليگ سخت ردعمل جو اظهار ڪندي سندس بيان کي ” حد اورانگهڻ “ قرار ڏنو هو.