ڊالر جا پويان پير جاري، ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڊالر جا پويان پير جاري، ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن وڌيڪ سستو ٿي ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو.
ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قيمت ۾ 90 پئسن جي لاٿ ٿي، جنهن کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 290 رپين 86 پئسن جي سطح تي بند ٿيو.

هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت ٻه رپيا گهٽ ٿي، جنهن کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 293 رپين تي وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.