آمريڪا ۾ انساني جسم ۾ سور جي دل لڳائڻ جو ٻيو آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب 58 ورهين جو آمريڪي مريض آپريشن کانپوءِ تيزي سان صحتياب ٿي رهيو آهي.
آپريشن ڪراچي سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر منصور محي الدين ۽ ڊاڪٽر گريفٿ ڪيو.
ڊاڪٽر منصور محي الدين انساني جسم ۾ جانورن جي عضون جي پيوندڪاري جو وڏو ماهر آهي، هو ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز مان گريجوئيٽ آهي.
ان کان اڳ جنوري 2022ع ۾ آمريڪا ۾ ئي هڪ 57 ورهين جي مريض ۾ ڪاميابي سان اهو آپريشن ڪيو ويو هو.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر منصور جو چوڻ هو ته شروعاتي تجربن ۾ ڀولڙي جي دل لڳائي ويندي هئي پر اها فائديمند ثابت نه ٿي پر سور جو تجربو فائديمند رهيو.
سندس چوڻ هو ته اسان سڀن جانورن جو مائنو ڪيو ته ڪهڙا جانور انسان جي ويجهو آهي، شروع ۾ ڀولڙن جي لڳائي وئي ته اها ايتري فائديمند ثابت نه ٿي، ڪجهه مهينن ۾ سور جي دل وڏي انسان يج دل جي برابر جي سائيز تي اچي ويندي آهي، ان کانسواءِ به ڪجه سبب آهن جن جي ڪري اسان سڄي ريسرچ سور تي ڪئي.
سندس چوڻ هو ته جنهن مريض ۾ دل لڳائي وئي اهو بيمار هو ان کانسواءِ اسان وٽ ڪو ٻيو رستو نه هو، ان معاملي تي مريض ۽ سندس دل کي لاڳيتو مانيٽر ڪرڻو پوندو آهي، خيال رکڻو پوندو آهي تنهنڪري اسان مريض کي نئين دل ڏني آهي پر ڇا باقي جسم به ان شيءَکي قبول ڪندو.
Prev Post
Next Post
You might also like