جميڪا ( ويب ڊيسڪ )پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر پنهنجي تازي انجري بابت مداحن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته محمد عامر ڪيربيئن پريميئر ليگ ( سي پي ايل ) ۾ ميچ دوران هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ويو آهي.
محمد عامر سي پي ايل جي ايليمنيٽر رائونڊ ۾ ٽي بال هلائڻ کانپوءِ انجري جو شڪار ٿي ميدان کان ٻاهر هليو ويو هو.
I will be fine brother insha Allah. was on medication from last week. because of stomach infection . so just cramp up hwa hai hamstring hopefully Friday tak better ho ga insha Allah . https://t.co/NYAJN4FLx8
— Mohammad Amir (@iamamirofficial) September 20, 2023
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ محمد عامر پنهنجي انجري جي نوعيت بابت مداحن کي آگاهه ڪيو.
فاسٽ بالر لکيو ته انشاءَ الله هو جلد ٺيڪ ٿي ويندو، پيٽ جي انفيڪشن سبب هو گذريل هفتي کان دوا کائي رهيو هو.
فاسٽ بالر محمد عامر ٻڌايو ته کيس پٺن ۾ تڪليف آهي، اميد آهي ته جمعي تائين ٺيڪ ٿي ويندو.
ياد رهي ته عامر هينئر تائين ڪيربيئن پريميئر ليگ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ ٻيو بالر آهي، هن ٽورنامينٽ جي نوَ ميچن ۾ 15 شڪار ڪيا آهن.
مداحن طرفان سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو پيو وڃي ته نسيم شاهه جي جاءِ تي محمد عامر کي عالمي ڪپ پاڪستان ٽيم ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.