اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ ظابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ 88 نڪتن تي ٻڌل ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو.

جاري ڪيل ظابطا اخلاق موجب، صدر، وزيراعظم، وزيرن ۽ عوامي عهديدار چونڊ مهم ۾ حصو نه وٺي سگهندا، جڏهن ته سينيٽرز ۽ مڪاني نمائندن چونڊ مهم جي اجازت هوندي ۽ ترقياتي اسڪيمن جي اعلانن تي پابندي هوندي.

اليڪشن ڪميشن موجب، عدليا، نظريه پاڪستان خلاف بيان بازي ۽ مهم تي بندش هوندي، جڏهن ته سياسي جماعتون، اميدوار رشوت، تحفا، لالچ نه ڏيندا ۽ سياسي پارٽيون جنرل سيٽن تي پنج سيڪڙو عورت اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏينديون.

ظابطا اخلاق موجب، جلسن جلوسن ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ هٿيارن جي نمائش، سرڪاري ناڻي مان سياسي ۽ چونڊ مهم هلائڻ ۽ سرڪاري ميڊيا تي جانبداراڻي ڪوريج جي پابندي هوندي.

اليڪشن ڪميشن موجب، سياسي جماعتن کي جلسن جي اجازت انتظاميا سان مشروط هوندي، سرڪاري وسيلن جي چونڊ مهم ۾ استعمال تي پابندي هوندي، جڏهن ته ريلين، فرقيوارڻي، لسانيت تي ٻڌل ڳالهه ٻول ۽ ڪنهن شهري جي گهر جي آڏو احتجاج يا ڌرڻي جي اجازت نه هوندي.

ظابطا اخلاق موجب، اميدوار هر پولنگ بوٿ تي هڪ ايجنٽ جڏهن ته  تڪ لاءِ ٽي اليڪشن ايجنٽ مقرر ڪري سگهي ٿو،اليڪشن ايجنٽ جو لاڳاپيل تڪ سان هئڻ لازمي هوندو جڏهن ته سرڪاري ملڪيتن تي سياسي جماعتن جا جهنڊا لڳائڻ تي پابندي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.