ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عمرڪوٽ ۾ فراڊ آن لائن بزنس هڪ ٻئي نوجوان جي حياتي کسي ورتي آهي، 22 سالن جي نوجوان قرض وٺي ڪمپني ۾ سيڙپڪاري ڪئي، پيسا ٻڏڻ تي قرض ڏيندڙن جي ڊپ سبب کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪيائين.
عائشا مارڪيٽ جي رهواسي نوجوان اڻڄاتل آن لائن بزنس ڪمپني طرفان موبائيل فون ذريعي بزنس ڪرڻ جي آڇ ڏٺي.
نوجوان آن لائن انويسٽمينٽ جي ٺڳي ۾ اچي ڏيڍ لک رپيا موڪليا بعد ۾ آن لائن ڪمپني وارن جو فون بند ٿي وڃڻ سبب پريشان ٿي ويو.
اوڌر تي ورتل رقم واپس نه ڪري سگهيو ۽ پوءِ اوچتو لاپتا ٿي ويو جنهن بعد سندس لاش کوهه مان مليو.
نوجوان پنجن ڀائرن مان سڀ کان ننڍو هو ۽ سلائي جو ڪم ڪندو هو.