” ون منٽ ڊائون نيڪسٽ منٽ اَپ، پاڪستان ٽيم ڪجهه به ڪري سگهي ٿي“

لارڊز( ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي ٻن اڳوڻن ڪپتانن ناصر حسين ۽ آئن مورگن پاڪستاني ٽيم جي ورلڊ ۾ ڪارڪردگي بابت اڳڪٿي ڪئي آهي.

اسڪاءِ اسپورٽس کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ اڳوڻي انگلش ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر ناصر حسين چيو ته پاڪستان جي ورلڊ ڪپ ۾ ناڪ آئوٽ مرحلي تائين پهچڻ جي امڪان جو دارومدار فاسٽ بالرز جي فٽنس تي هوندو.

هن چيو ته ايشيا ڪپ دوران نسيم شاهه ۽ حارث رئوف انجري جو شڪار ٿي ويو آهي جڏهن ته شاهين اڪيلو تيز بالر آهي جيڪو فٽ آهي، پاڪستان کي فٽنس مسئلن گهيري ورتو آهي، ٽنهي بالرن جي موجودگيءَ ۾ پاڪستان هڪ خطرناڪ ٽيم بڻجي ويندي.

اڳوڻي انگلش ڪپتان جو چوڻ هو ته ون ڊي فارميٽ ۾ فاسٽ بالرز ڪنهن به ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن انڪري سندن فٽ هجڻ ضروري آهي.

ناصر حسين فخر زمان جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هو آئوٽ آف فارم ضرور آهي پر ٽاپ آرڊر ۾ گهڻو اهم آهي، پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏي ڳڻتي جي ڳالهه اسپنرن جو فارم ۾ نه هجڻ آهي.

ناصر حسين چيو ته منهنجي نظر ۾ پاڪستان آءِ سي سي ٽورنامينٽس ۾ سدائين وڏي ٽيم هوندي آهي، پاڪستاني ٽيم ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، هڪ ڏينهن پاڪستان هيٺ هوندي ته ٻئي ڏينهن سڀني کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيندي.

ان موقعي تي 2019ع ۾ انگلينڊ کي عالمي چيمپيئن بڻائيندڙ آئن مورگن چيو ته ڪو شڪ ناهي پاڪستان ٽورنامينٽ جي بهترين ٽيمن منجهان هڪ آهي پر تازا نتيجا پاڪستان لاءِ سبق آهن، ايشيا ڪپ ۾ جيڪو ٿيو اِهو پنهنجي ذهنن مان ڪڍي کين ميگا ايونٽ ۾ شرڪت ڪرڻي پوندي.

ياد رهي ته ڀارت ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ 5 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو ٽورنامينٽ ۾ قومي ٽيم جي پهرين ميچ نيڌرلينڊز خلاف ڇهه آڪٽوبر تي رٿيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.