راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي پ پ قيادت جي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حنيف عباسي چيو پ پ وارا چوندا آهن ڀٽو جيئرو آهي، ڀٽو جيئرو ناهي مري چڪو آهي، پ پ وٽ ان نعري کانسواءِ ڪجهه ناهي.
هن چيو ته پ پ جي ڪارڪردگي سدائين ٻڙي رهي آهي، پ پ وارا ڀٽو جيئرو آهي جي نعري کانسواءِ ڪڏهن ڪارڪردگي ناهن ٻڌائي سگهيا.
سندس چوڻ هو ته اسان ملڪ لاءِ موٽر ويز ڏنا، بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، بيروزگاري ۽ دهشتگردي ختم ڪئي سين.
You might also like