هي طريقا آزمائڻ سان پيٽرول جو خرچ بچندو؟

پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح پهچي چڪي آهي ۽ ايندڙ مهينن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي.

هاڻوڪن سالن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جو استعمال وڌيو آهي پر اڃا به اهي پيٽرول يا ڊيزل تي هلندڙ گاڏين جي جاءِ وٺڻ لاءِ تيار ناهن.

سڄي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه عام شين کي عادت بڻائي اوهان پيٽرول تي ٿيندڙ ماهوار خرچن ۾ گھٽتائي آڻي سگھو ٿا.

پيٽرول مائليج کي بهتر بڻائڻ سان هوا ۾ زهريلن گيسن جي خارج ٿيڻ کي به گھٽائڻ ممڪن آهي.

سفر جي منصوبابندي ڪريو

جيڪڏهن هڪ ڪلاڪ جو سفر هڪ ڪلاڪ 10 منٽن ۾ طئي ٿئي ته پيٽرول سڙڻ جي شرح ۾ 15 سيڪڙو اضافو ٿي ويندو آهي، ته هر جاءِ تي وڃڻ لاءِ منصوبابندي ڪرڻ ضروري آهي.

گاڏي جي انجڻ هلائڻ کان اڳ اهڙن رستن جي چونڊ ڪريو جتي ٽريفڪ گھٽ هجي ۽ منزل تائين جلد پهچڻ ۾ مدد ملي سگھي.

ٽائر پريشر

جيڪڏهن اوهان پيٽرول جي نمايان بچت ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڄاڻي وٺو ته ٽائر پريشر ان حوالي سان اي سي کان وڌيڪ اهم ثابت ٿيندو آهي.

ٽائر ۾ هوا گھٽ هجڻ سان پيٽرول جو خرچ وڌندو آهي.

رفتار جو خيال رکو

جيڪڏهن گاڏي جي رفتار گھڻي هجي ته پيٽرول مائليج گھڻي تيزي سان گھٽ هوندي آهي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته گاڏي جي رفتار 60 ميل في ڪلاڪ کان وڌيڪ هجڻ تي پيٽرول مائليج ۾ 3 ميل تائين گھٽتائي ايندي آهي.

غير ضروري سامان رکڻ کان پاسو ڪريو

گاڏي ۾ رڳو اضافي 22 ڪلوگرام وزن سان پيٽرول مائليج ۾ هڪ سيڪڙو گھٽتائي ايندي آهي.

جيڪڏهن اوهان روز گاڏي استعمال ڪندا آهيو ته ان ۾ اضافي سامان ذخيرو ڪرڻ کان پاسو ڪريو.

رفتار جي تسلسل جو خيال رکو

اوچتو رفتار وڌائڻ ۽ بريڪ لڳائڻ سان پيٽرول جي مائليج ۾ 15 کان 40 سيڪڙو تائين گھٽتائي ايندي آهي.

رفتار کي هر هر گھٽ يا وڌيڪ ڪرڻ سان ٻارڻ گھڻو خرچ ٿيندو اهي ته هڪ جيتري رفتار سان گاڏي هلائڻ کي ترجيح ڏيو.

بريڪ لڳائڻ بدران رفتار گھٽائڻ کي ترجيح ڏيو

اوهان بريڪ لڳائڻ بدران پيڊل تان پير هٽائي گاڏي جي رفتار سست ڪري به پيٽرول جي بچت ڪري سگھو ٿا.

اي سي جو استعمال مخصوص هنڌن تي ڪريو

جيڪڏهن اوهان هاءِ وي تي سفر ڪري رهيا آهيو ته اي سي جو استعمال ڪرڻ بهتر هوندو آهي، پر شهر جي اندر سفر ڪندي بهتر آهي ته اي سي جي استعما کان پاسو رڪيو.

اي سي جو استعمال ڪندا آهيو ته ايئر فلٽر جي صفائي کي لازمي يقيني بنايو.

گاڏي جي صفائي

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ڌوڙ سان هاءِ وي تي گاڏي جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي، خراب ڪارڪردگي جو مطلب وڌيڪ پيٽرول سڙڻ آهي، تنهنڪري پنهنجي گاڏي جي صفائي جو خيال رکو.

پيٽرول ٽينڪ جي ڍڪڻ جو خيال رکو

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته 17 سيڪڙو گاڏين جي پيٽرول ٽينڪ جا ڍڪڻ خراب هوندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ هر سال ڪروڙين گيلن پيٽرول هوا ۾ بخار بڻجي اڏامي ويندو آهي جڏهن ته مائليج ۾ به گھٽتائي ايندي آهي.

بيٺل گاڏي جي انجڻ بند ڪري ڇڏيو

جيڪڏهن اوهان هڪ منٽ کان وڌيڪ وقت تائين گاڏي کي ڪنهن جاءِ تي روڪي رهيا آهيو ته بهتر آهي ته انجڻ کي بند ڪري ڇڏيو.

ماهرن موجب بيٺل گاڏي جي انجڻ جيڪڏهن 10 منٽن تائين هلندي رهي ته هڪ گلاس پيٽرول زيان ٿي ويندو آهي.

گيئرز به اهم آهن

جنهن حد تائين ممڪن هجي آخري گيئر ۾ گاڏي هلايو ڇو جو لوئر گيئرز ۾ رفتار وڌائڻ سان پيٽرول گھڻو خرچ ٿيندو آهي.

محفوظ طريقي سان ڊرائيونگ ڪريو

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جارحاڻي انداز سان ڊرائيونگ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هاءِ وي تي پيٽرول مائليج 33 سيڪڙو جڏهن ته شهر جي اندر 5 سيڪڙو گھٽجي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.