چاهت فتح علي خان وزيراعظم بڻجڻ جو خواهشمند

ڳائڻ جي انوکي انداز سبب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ چاهت فتح علي خان پاڪستان جو وزيراعظم بڻجڻ ۽ ملڪ ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي چاهت فتح علي خان جي نالي سان شهرت رکندڙ انوکي گلوڪار جو اصل نالو ڪاشف رانا آهي.
چاهت فتح علي خان هان ملڪ ۾ حقيقي تبديلي لاءِ پاڪستان جو وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
چاهت فتح علي صحافي سان ڳالهائڻ واري وڊيو ٽوئيٽر تي شيئر ڪئي آهي. جنهن موجب چاهت فتح علي خان پاڪستان ڊوويلمپنٽ پارٽي (پي ڊي پي) جي نالي سان پنهنجي سياسي پارٽي جوڙي هئي. هاڻ هو پنهنجي پارٽي جي ايجنڊا کي عملي شڪل ڏيڻ چاهي ٿو ۽ ان لاءِ پاڪستان جو وزيراعظم بڻجڻ جو به خواهشمند آهي. ان کانسواءِ هن به پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي جو دعويٰ ڪئي آهي.
چاهت فتح علي خان دعويٰ ڪئي آهي ته ان تبديلي لاءِ هن وٽ پلان، ايجنڊا ۽ ويزن موجود آهي. هو پنهنجي فيملي لاءِ نه سڄي ملڪ لاءِ سوچيندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.