پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي اسپيڊ ڪا خاص ناهي. جيڪڏهن اسپيڊ ٺيڪ هجي ته صحيح جيڪڏهن نه ته رفتار گھڻي سست ٿي ويندي آهي. ۽ جيڪڏهن حڪومت ڪنهن سبب جي انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪنهن زندگي جو سوئچ آف ڪري ڇڏيو آهي.
پر هاڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو اهي ته انٽرنيٽ مسئلن جو شڪار پاڪستانين کي مستقبل ۾ اهڙي انٽرنيٽ سروس ملندي جيڪا سندن اميدن تي پوري لهندي.
جي ها، اسان ڳالهه ڪري رهيا آهيون ايلون مسڪ جي ايرو اسپيس ڪمپني ”اسپيس ايڪس“ سان آپريٽ ڪئي ويندڙ دنيا جي تيز ترين سيٽلائٽ انٽرنيٽ سروس ”اسٽار لِنڪ، جي جنهن جون پاڪستان ۾ آمد جون خبرون اڄ ڪالهه هلي رهيون آهن.
آءِ ٽي جي واري نگران وزير عمر سيف تازو ئي پاڪستان جي ٽيڪ سيڪٽر جي نون منصوبن جو اعلان ڪيو آهي جن مان هڪ پاڪستان ۾ اسٽار لنڪ سروس جي شروعات جي منظوري آهي.
اسٽار لنڪ جي اسپيڊ ڪيتري هوندي؟
اوهان جبلن جي سير تي هجو، رڻ ۾ هجو يا ملڪ جي ڪنهن به ڏوارانهين علائقي ۾ موجود هجو، اسٽار لنڪ روايتي انٽرنيٽ سروسز جي ڀيٽ ۾ اوهان کي هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ فراهم ڪندي. اسٽار لنڪ بزنس واهپيدارن کي 220mbps ڊائون لوڊ ۽ 25mbps تائين جي اپ لوڊ اسپيڊ فراهم ڪندي.
اسٽار لنڪ انٽرنيٽ ڪٿي دستياب هوندي؟
ان ڪمپني جي دعويٰ آهي ته اوهان دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هجو، سمنڊ جي وچ ۾ يا آسمان جي بلندين تي هجو، اوهان کي اسٽار لنڪ جي تيز ترين انٽرنيٽ سروس هي هنڌ دستياب هوندي.
اسٽار لنڪ ڊوائس ڪيئن هوندي؟
اسٽار لنڪ جي ڊوائس لڳائڻ گھڻي سولي آهي. اوهان جي آرڊر جي تصديق ٿيڻ بعد ”اسپيس ايڪس“ اوهان کي اسٽار لنڪ پيڪيج موڪليندي جنهن مان هڪ پليٽ (ڊس اينٽينا)، واءِ فاءِ رائوٽر، مائونٽنگ بريڪٽس (آپشنل) ۽ ڪجهه ضروري ڪيبلز شامل آهن. ان کي لڳائڻ لاءِ ڪنهن خاص مهارت يا علم جي ضرورت ناهي.
خراب موسم ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيندي؟
عام طور تي آنڌاري، طوفان يا قدرتي آفتن جي صورت ۾ اوهان جون تارون متاثر ٿي وينديون آهن جنهن سبب انٽرنيٽ سروس معطل ٿي ويندي آهي ۽ ان جي بحالي ۾ ڪيترائي ڏينهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هفتا لڳي ويندا آهن. پر اسٽارلنڪ جي انٽرنيٽ سروس ۾ اها خوبي آهي جو آنڌاري، طوفان، ٻوڏ ۽ ٻيون قدرتي آفٽون ان تي اثرانداز ناهن ٿينديون ۽ اوهان کي اهڙين حالتن ۾ به تيز ترين انٽرنيٽ ملندي.
اسٽار لنڪ جي انٽرنيٽ سستي هوندي؟
پاڪستان ۾ اسٽار لنڪ اڃا پنهنجون خدمتون شروع ناهن ڪيون ان ڪري ان جي ريٽس جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي پر دنيا جي جن ملڪن ۾ اسٽار لنڪ پنهنجون سروسز فراهم ڪري رهي آهي اتي براڊ بينڊ سروس جا ريٽس گهٽ آهن. اسٽار لنڪ هلندڙ سال پنهنجي انٽرنيٽ ريٽس ۾ تبديلي ڪئي هئي. نون ريٽس موجب علائقائي سطح تي ان جو ماهوار ريٽ 150 ڊالرز جڏهن ته عالمي سطح تي 200 ڊالرز ماهوار آهي.