دوستيءَ جون 12 منزلون، اوهان ڪٿي بيٺا آهيو؟

ڇا توهان کي خبر آهي ته دوستيءَ جون 12 منزلون آهن ۽ ڪي ماڻهو ڪنهن منزل ۽ ڪي ڪنهن منزل تي آهن.

دوستي جي هر هڪ منزل لاءِ عربي ٻولي جوهڪ مخصوص لفظ به آهي.

صديق کان خليل تائين اهي قيمتي نالا هڪ شخص ۾ دوستي جون 12 منزلون بيان ڪن ٿا.

هتي اسان اوهان کي دوستي جون 12 منزلون ٻڌائينداسين.

صديق: (هڪ سچو دوست)

هڪ سچو دوست، اهو شخص جيڪو بنا ڪنهن مقصد لاءِ اوهان جو دوست آهي. صديق لفظ جي معنيٰ آهي سچ،

تنهن ڪري ايمانداري ۽ وفاداري دوستي جا بنياد آهن.

انيس:

اهو شخص جنهن سان توهان آرامده ۽ پنهنجائپ محسوس ڪندا آهيو.

زميل:

ڪو اهڙو جنهن سان اوهان جي سٺي واقفيت هجي.

جليس:

اهو شخص جنهن سان اوهان سڪون سان ڪجهه وقت ويهي گذاريو.

سمير:

هن شخص سان اوهان جي سٺي ڳالهه ٻولهه هوندي آهي.

صاحب:

اهو شخص جيڪو اوهان جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ فڪرمند رهندو هجي.

رفيق:

اهو شخص جنهن تي توهان ڀروسو ڪري سگهو.

خليل:

هڪ پيارو دوست، جنهن جي موجودگي ۾ اوهان کي خوشي محسوس ٿئي.

نجي:

اعماد ڪندڙ: اهو ماڻهو جنهن تي توهان جو پڪو اعتماد هجي.

نديم: (پيئڻ جو ساٿي) رڳو چانهه.

جنهن اوهان ڪڏهن به واندڪائي ۾ پاڻ وٽ گهرائي سگهو.

صفي: (بهترين دوست)

اهو شخص جنهن کي اوهان ٻين مان چونڊيو.

قرين:

جيڪو توهان کان ڌار نه ٿي سگهي.

مٿي ڏنل سمورا لفظ عربي ٻولي جا آهن ۽ انهن جون وضاحتون گڏ لکيون ويون آهن.

عربي ٻولي جا اهي سمورا لفظ دوستن سان لاڳاپيل آهن.

انهن کي دوستن جون 12 منزلون چئي سگهجي ٿو.

You might also like