گئس لوڊشيڊنگ جا وقت مقرر ڪرڻ بابت ايس ايس جي سي جو اهم بيان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي سدرن گئس طرفان گئس لوڊشيڊنگ جا وقت مقرر ڪرڻ جي ترديد ڪئي وئي آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته شهر ۾ رات کان صبح جي وقت ۾ گئ بند ڪئي ويندي آهي.

سوئي سدرن گئس ڪمپني جي نالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ نوٽيس گردش ڪري رهيو هو، جنهن ۾ گئس جا وقت مقرر ڪرڻ بابت ٻڌايو ويو هو، نوٽيس ۾ چيو ويو هو ته هاڻ رڳو ٽي وقت گئس فراهم ڪئي ويندي.

جعلي نوٽيس ۾ چيو ويو هو ته صبح 6 کان 9 وڳي تائين، منجهند 12 کان ٻي وڳي تائين ۽ شام 6 کان رات 9 وڳي تائين واهپيدارن کي گئس ملندي.

سوئي سدرن گئس جي ترجمان وضاحت ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ رات 11 وڳي کان صبح 7 وڳي تائين گئس بند ڪئي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.