ملتان ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ لاءِ نيپال ڪرڪيٽ ٽيم 23 هين آگسٽ جي صبح پاڪستان پهچندي.
ذريعن موجب، نيپال جي ٽيم 24 هين آگسٽ تي ڪراچي ۾ پريڪٽس ميچ کيڏندي، 25 آگسٽ تي ٽريننگ سيشن جڏهن ته 26 آگسٽ تي ٻي پريڪٽس ميچ کيڏندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپال ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ايونٽ شيڊيول کان اڳ پاڪستان اچڻ جي درخواست ڪئي هئي.
نيپال جي ٽيم کي پراڻي شيڊيول موجب، 27 آگسٽ تي ملتان پهچڻو هو.
ياد رهي ته ايشياڪپ 30 آگسٽ کان شروع ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول ميگا ايونٽ ۾ پهريون مقابلو پاڪستان ۽ نيپال جي ٽيمن وچ ۾ ملتان ۾ ٿيندو جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ٻه سپٽيمبر تي ماڻ ۾ مهاڏو اٽڪائينديون.