سڊني ( ويب ڊيسڪ ) پهريون ڀيرو فيفا وومين ورلڊ ڪپ کٽي تاريخ رقم ڪندڙ اسپين ٽيم جو چيف هن وقت مبارڪباد بدران ڇتي تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اسپين جي وومين فٽبال ٽيم گذريل ڏينهن فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ انگلينڊ کي هارائي عاليم اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
ٽرافي ۽ انعام ورهائڻ واري رنگا رنگ تقريب فتح جي جشن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
🔴 Rubiales, president de @rfef al costat de la infanta Sofia fa un petó a una jugadora durant la celebració del mundial de la selecció femenina d’Espanya. Si en comptes d’una jugadora fos un jugador de futbol o fos una personalitat política no passaria. Ho estan censurant. pic.twitter.com/h9RCnO6tYm
— David Melero 📸 📽 ✏ 🔴 (@davidmelero__) August 20, 2023
جتي اسپين جي تاريخي فتح تي سموري مُلڪ ۾ جشن ملهايو پيو وڃي اتي رائل هسپانوي فٽبال فيڊريشن ( آر ايف اي ايف ) جو صدر لوئس روبيلز ڇتي تنقيد جي زد ۾ آهي.
مٿس ٽرافي ۽ انعامن جي تقريب ۾ فٽبال پليئر جيني هرموسو کي چمي ڏيڻ تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، تقريب ۾ اسٽيج تي صدر لوئس روبيلز فيفا جي هڪ عهديدار جي حيثيت ۾ موجود هو.
ان دوران لوئس روبيلز اسپين جي رانديگرياڻين کي ميڊلز پارايا ۽ کين شاباسي ڏني، پر هن مڊ فيلڊر هرموسو کي چپن تي چمي ڏئي ڇڏي، سندس اهڙي حرڪت تي رانديگر به پريشان ٿي ويا.
سموري دنيا ۾ اسپين جي فٽبال چيف جي ان حرڪت تي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ سوشل ميڊيا واهيپدار کائنس استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
ٽيم مئنيجمينٽ، ڪپتان ۽ فيفا طرفان اڃا تائين ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو پر متاثر رانديگرياڻي پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته مونکي سندس اِهو عمل صفا نه وڻيو.
جنهن تي اسپين فٽبال فيڊريشن جي چيف لوئس روبيلز اسپين جي رڊيو سان ڳالهه ٻول ۾ چيو ته ٻن ماڻهن جي وچ ۾ تاريخي فتح جو جشن ملهائڻ جو معمولي مظاهرو هو، جنهن ۾ ڪائي خراب ڳالهه ناهي.