سگريٽ ڇِڪيندڙن لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه، پنهنجو نه ته پنهنجي پيارن جو سوچو!

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سگريٽ ڇڪڻ جي عادت بري آهي اهو ته سڀ ڄاڻن ٿا پر ايتري حد تائين نقصانڪار آهي، جنهن جو توهان اندازو نه نٿا لڳائي سگهو، اها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

آمريڪن ڪينسر سوسائٽي جي تحقيق موجب سگريٽ ڇڪڻ جي عادت انسان کي 21 مرضن جو شڪار ڪري سگهي ٿي، جن ۾ 12 مختلف قسمن جا ڪينسر به شامل آهن.

ان تحقيق دوران گذريل 10 ورهين ۾ 10 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو، جنهن کانپوءِ خبر پئي ته سگريٽ واپرائڻ ڦڦڙن، وات جي ڪينسر، دل جي دوري، اڌ رنگ وغيرا جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

اها ڳالهه رڳو اتي ئي ختم نٿي ٿئي پر اها عادت زخمن جي انفيڪشنز، گڙدن جي مرضن، رت جي وهاءَ ۾ گهٽتائي سان آنڊن جي مرضن سميت دل ۽ ڦڦڙن جي اهڙن مرضن جو سبب بڻجي ٿي، جنهن بابت ڪنهن کي علم ئي نه هوندو.

تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ جي عادي ماڻهن ۾ موت جي شرح ان کان پري رهندڙن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ کان ٽيڻ تي هوندي آهي ۽ انهن جو سگريٽ نه ڇڪيندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هڪ ڏهاڪو اڳ مري وڃڻ جو امڪان هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.