گرم چانهه پيئندڙ لاءِ بري خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا توهان جي ڳڻپ به چانهه جي شوقين ماڻهن ۾ ٿيندي آهي؟

هونئن ته تقريبن سڀ چانهه جا شوقين آهن، پر اهي ماڻهو جيڪي گرم چانهه پيئڻ جا شوقين آهن انهن لاءِ هڪ بري خبر آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته گرم چانهه توهان کي ڪينسر ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿي.

انٽرنيشنل جرنل آف ڪينسر جي هڪ تحقيق موجب 60 سينٽي گريڊ تائين گرم چانهه پيئڻ جي عادي ماڻهن ۾ خوراڪ جي نالي يعني ايسوفيگس جي ڪيسنر جو خطرو وڌي ويندو آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊگھي عرصي تائين گرم چانهه پيئڻ سان خوراڪ جي ناليءَ ۾ زخم ٿي ويندا آهن جيڪي ڪينسر ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.

چانهه کي فائديمند سمجهو ويندو آهي پر ڪيترن موقعن تي نقصانڪار به ثابت ٿيندي آهي.

هڪ تحقيق موجب کائڻ کان پوءِ جلدي چانهه پيئڻ جي عادت اسان جي هاضمي واري نظام تي خطرناڪ طريقي سان اثر انداز ٿيندي آهي.

خاص طور تي جيڪڏهن اسان جي کاڌي ۾ پروٽين شامل هجن ته ان جي جزن کي سخت ڪري ڇڏيندي آهي  ۽ کاڌي ڏکيائيءَ سان هضم ٿيندو آهي .

ماهرن جو مشورو آهي ته کاڌي کان هڪ ڪلاڪ اڳ ۽ پوءِ چانهه کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.