اسلام ڪوٽ (ويب ڊيسڪ(وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿرڪول منصوبي ٿر ۾ نمايان تبديلي آندي آهي، حڪومت جي ڪوششن سان ٿر ۾ روڊن، ايئرپورٽ، بجلي، اسپتالن ۽ ٻين بنيادي سهولتن ۾ بهتري آئي آهي، جڏهن ته ٿر جي ترقي جو سفر جاري آهي ۽ ان کي وڌيڪ تيز رفتاري سان اڳتي وڌايو پيو وڃي.
ٿرڪول فيز ٿري منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿر جي عوام ۽ ٿرڪول منصوبي سان لاڳاپيل سمورن ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1996ع ۾ 2640 ميگاواٽ بجلي گهر جو منصوبو شروع ڪيو هو، پر سندس حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٿر کي نظرانداز ڪيو ويو. 2008ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت اچڻ کانپوءِ ٿرڪول منصوبي تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو ويو.
سيد مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري ٿرڪول منصوبو ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، سفر دوران ڪيترائي لاها چاڙها آيا ۽ هڪ موقعي تي وفاقي حڪومت به منصوبي کان هٿ کڻي وئي هئي، پر 2014ع ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي سهڪار سان منصوبي لاءِ حوصلا افزائي ملي.
وڏي وزير چيو ته 2019ع، 2022ع ۽ 2026ع ۾ ٿرڪول منصوبن جي افتتاح دوران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کين همٿايو، اسان چوندا هئاسين ته ”ٿر بدلبو، پاڪستان بدلبو“ ۽ اڄ اسان اهو ڪري ڏيکاريو آهي.
هن چيو ته ٿر ۾ اڳ بنيادي سهولتون موجود نه هيون، سنڌ حڪومت مختلف علائقن ۾ سولر سسٽم فراهم ڪيا، اسلام ڪوٽ جي ننڍن بجلي واهپيدارن جا بل معاف ڪيا ويا، جڏهن ته ٿر ۾ بهترين روڊن سان گڏ ايئرپورٽ جي سهولت پڻ موجود آهي.
سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته ٿر ۾ 50 بسترن تي ٻڌل اسپتال هڪ سال اندر مڪمل ڪيو ويندو.
وڏي وزير ٿر واسين جا ٿورا مڃيندي چيو ته ٿر واسين پاڪستان لاءِ پنهنجو قيمتي سرمايو فراهم ڪيو آهي، ٿر تبديل ٿي رهيو آهي، پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ترقي جو سفر تيزي سان جاري آهي.
ٿر واسين پاڪستان لاءِ قيمتي سرمايو ڏنو، ٿر ۾تبديليءَ سان ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي: مراد علي شاهه
You might also like