رياض (ويب ڊيسڪ) ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نعمان محمود کي مڪي دفاعي معاهدي تحت اتحاد جو پهريون سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي وزارت موجب، سيڪريٽري جنرل رياض ۾ قائم ٿيندڙ اتحاد جي جنرل سيڪريٽريٽ جي قيادت ڪندو.
ياد رهي ته مڪي گڏيل دفاعي معاهدو سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ٿيل ٽه طرفو دفاعي معاهدو آهي.
معاهدي تحت ٽنهي ملڪن مان ڪنهن به هڪ ملڪ تي حملو ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.
Prev Post
You might also like