ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪندي 4 هزار رپيا في ايڪڙ امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 57 هزار آبادگارن کي سڌيءَ ريت ادائيگي ڪئي ويندي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪڻڪ آبادگارن، لينڊ رڪارڊ، صحت، راندين، اعليٰ تعليم ۽ ٻين شعبن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا.
ڪابينا ڪڻڪ آبادگارن لاءِ واڌو سبسڊي پئڪيج جي منظوري ڏيندي خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ فراهم ڪندڙ هارين جي اضافي سبسڊي هڪ هزار مان وڌائي 2 هزار رپيا في مڻ ڪرڻ جي منظوري ڏني.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ آبادگار سبسڊي جا اهل هوندا، جڏهن ته اٽڪل 5 لک 50 هزار آبادگارن کي هن پئڪيج مان لاڀ پهچڻ جي اميد آهي،ان تي 14.9 ارب رپيا خرچ ٿيندا ۽ ڪُل سبسڊي تقريبن 16 ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي، نئين رجسٽريشن ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي ڪئي ويندي.
ڪابينا مٽياري ۽ سکر جي ٽن پائلٽ ديهن ۾ بلاڪ چين تي ٻڌل اي-ٽرانسفر آف ٽائيٽل نظام جي پڻ منظوري ڏني، جنهن تحت زمين جي ملڪيت جي منتقلي ڊجيٽل طريقي سان ۽ انساني مداخلت کانسواءِ ڪئي ويندي.
ڪابينا اجلاس ۾ اين آءِ سي ايڇ ڪراچي ۾ 445 بسترن تي ٻڌل 13 ماڙ بلقيس ۽ عبدالستار ايڌي ميڊيڪل ٽاور جي منظوري پڻ ڏني وئي، جنهن تي 17 ملين ڊالر لاڳت ايندي.
ڪابينا گڏيل اسپورٽس پاليسي، نوجوانن جي پاليسي بابت سفارشن ۽ اعليٰ تعليم ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ لاءِ قانوني ترميمن جي پڻ منظوري ڏني، جڏهن ته پراسيڪيوشن سروس ۾ سينيئر عهدن تي ترقي ذريعي مقرري واري نظام جي منظوري پڻ ڏني وئي.
صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش مهر ٻڌايو ته آبادگارن کي 4 هزار رپيا في ايڪڙ جي حساب سان سبسڊي ڏني ويندي، جڏهن ته وڌيڪ اڍائي لک آبادگارن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي.
صوبائي وزير موجب، گذريل سال 3 لک 35 هزار آبادگارن کي ڊي اي پي ۽ يوريا فراهم ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هن سال 56 هزار کان وڌيڪ آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي.
آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ٻڌايو ته 57 هزار آبادگارن خوراڪ کاتي کي 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فراهم ڪئي، جن کي 2 هزار رپيا في مڻ ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته ماهوار 4 هزار رپيا سڌي ريت سندن اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيا ويندا.
سنڌ ڪابينا جو آبادگارن لاءِ وڏو اعلان، 4 هزار رپيا في ايڪڙ سبسڊي 57 هزار آبادگارن کي سڌي ادائيگي ٿيندي
You might also like